۽ مَدين (وارن) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيب کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اوھان جو الله کان سواءِ ٻيو ڪو خُدا ڪونه آھي، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان (چٽيون) نشانيون آيون آھن تنھنڪري ماڻ ۽ تور پوري ڏيو وٺو ۽ ماڻھن کي سنديون شيون گھٽ نه ڏيو ۽ مُلڪ ۾ اُن جي سُڌاري کان پوءِ فساد نه وجھو، جيڪڏھن اوھين مؤمن آھيو ته اِھو اوھان لاءِ ڀلو آھي.