35يا بَني آدَمَ إِمّا يَأتِيَنَّكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم آياتي ۙ فَمَنِ اتَّقىٰ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (چيو ويو ته) اي آدم جا اولاد جيڪڏھن اوھان وٽ اوھان مان پيغمبر اچن (جي) اوھان کي منھنجون آيتون پڙھي ٻڌائين ته جيڪي ڊڄندا ۽ پاڻ سڌاريندا تن کي نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.